ڪراچي: سپريم ڪورٽ حددخلين واري ڪيس ۾ سنڌي مسلم سوسائٽي ۾ نسلي ٽاور جي تعمير بابت سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل، ڪراچي جي ڪمشنر ۽ ايس بي سي اي جي ڊي جي پاران رپورٽ پيش ڪرڻ بعد لکت ۾ فيصلو جاري ڪندي نسلي ٽاور جي مالڪ کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو آهي، عدالت لکت ۾ جاري ڪيل حڪم نامي ۾ ڄاڻايو آهي ته سنڌ حڪومت پاران پيش ڪيل رپورٽ ۾ انهي ڳالهه جو اعتراف ڪيو ويو آهي ته نسلي ٽاور جو هڪ حصو غير قانوني طور تي تعمير ڪيو ويو آهي، ايندڙ ٻڌڻي تي نسلي ٽاور جي قانوني حيثيت بابت عدالت کي ٻڌايو وڃي، فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو ته ڪراچي جي ڪمشنر ڪراچي سرڪيولر ريلوي بابت رپورٽ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته ريلوي ٽريڪ جي ڀرپاسي ۾ حددخلين جو خاتمو ڪري اهو پاڪستان ريلويز حوالي ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سنڌ جي ايڊووڪيٽ جنرل چيو ته ٽريڪ جي فينسنگ ( ڪنڊيدار تارن) جو ڪم جاري آهي، ايف ڊبليو او جي نمائندي عدالت کي ٻڌايو ته 9 مهينن ۾ سرڪيولر ريلوي جي بحالي جو ڪم مڪمل ڪيو ويندو، عدلت پنهنجي فيصلي ۾ حڪم ڏيندي چيو ته ايندڙ ٻڌڻي تي سرڪيولر ريلوي جي بحالي بابت اڳڀرائي رپورٽ پيش ڪئي وڃي، عدالت پنهنجي حڪم نامي ۾ ڪراچي جي ڪمشنر کي ڪڊني هل پارڪ جي ڀرپاسي ۾ سموري غير قانوني اڏاوت ختم ڪرائڻ جو حڪم ڏنو آهي، عدالت ڪمشنر کي سڄي شهر ۾ فلاحي پلاٽن، کليل ميدانن ۽ رهائشي علائقن ۾ قائم شادي هال ڪيرائڻ جو به حڪم ڏئي ڇڏيو. عدالت چيو ته جتي ڪمشنر جي حد ناهي، اتي به غير قانوني شادي هال ڪيرايا وڃن، عدالت چيو ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي عمارت وڌائڻ لاءِ زمين جي فراهمي سنڌ حڪومت جي ذميواري آهي، هاءِ ڪورٽ کي اتان ڪنهن ٻئي هنڌ منتقل به نه ٿو ڪري سگهجي، جاءِ جي کوٽ سبب وڪيلن ۽ سائيلن کي پارڪنگ ۾ ڏکيائي پيش اچي رهي آهي، سنڌ حڪومت هاءِ ڪورٽ جي ساڄي ۽ کاٻي پاسي جي زمين جو استعمال نه ڪندي