ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ اڄ کان برساتي سلسلو شروع ٿيندو، موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته سنڌ جي اوڀر پاسي کان داخل ٿيل برساتي سلسلو اڄ کان ڪراچي جي حدن  ۾ داخل ٿيندو، جيڪو ايندڙ ٽن ڏينهن تائين جاري رهندو، برسات ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، بدين، سجاول، ٺٽو، حيدرآباد، ميرپورخاص، سانگهڙ، ٽنڊوالهيار، ٽنڊو محمد خان، خيرپور، سکر، لاڙڪاڻي، شڪارپور ۽ ٻين ضلعن ۾ 9 آگسٽ تائين جاري رهندي،