ڪراچي ۾ اڄ شام کان شديد برسات جا امڪان، موسميات کاتي خبردار ڪري ڇڏيو

0
221
ڪراچي ۾ اڄ شام کان شديد

ڪراچي: موسميات کاتي چيو آهي ته شهر ۾ اڄ شام کان شديد برسات جا امڪان آهن، شهر ۾ برساتن جو سلسلو اربعا تائين جاري رهندو

موسميات کاتي موجب سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ 28 جولاءِ تائين وسڪارن جو سلسلو جاري رهڻ جا امڪان آهن

چيف ميٽرالاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته شهر ۾  200 ملي ميٽر تائين برسات پئجي سگهي ٿي

موسميات کاتي شهرين کي غيرضروري طور گهرن مان ٻاهر نه نڪرڻ جو مشورو پڻ ڏنو آهي

ٻئي پاسي ڪراچي پوليس جي سربراهه شهر ۾ شديد برساتن جي اڳڪٿي بعد سمورن فيلڊ ڪمانڊرز کي علائقن ۾ موجود رهڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

 اي آءِ جي جاويد عالم اوڍو چيو آهي ته ٽريفڪ پوليس جا آفيسر ۽ اهلڪار شهر ۾ ٽريفڪ جي رواني يقيني بڻائين، برسات دوران پوليس جا آفيسر توڙي اهلڪار شهرين جي ڀرپور مدد ڪن

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ وسڪاري کانپوءِ وڏو وزير صوبائي وزيرن سان گڏ رستن تي نڪري آيو