ڪراچي ۾ اڄ تيز برسات جو امڪان

0
179
ڪراچي جي مختلف علائقن

ڪراچي: ڪراچي ۾ گـُهٽَ ۽ ٻُوسٽ سبب شهري پريشانين ۾ وٺجي ويا، گرمي ۾ مختلف رستن تي برساتي پاڻي بيھجڻ بعد ٽريفڪ سبب ماڻھن کي پريشاني جو منھن ڏسڻو پيو آھي

ٻئي پاسي موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته  اڄ شهر ۾ تيز وسڪاري جا امڪان آهن، سنڌ ۾ 15 آگسٽ تائين وقفي وقفي سان برسات پوڻ جا امڪان ظاهر ڪيا ويا آھن

ان سلسلي ۾ چيف ميٽرالاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته گجرات ۾ هوا جي گهٽ دٻاءَ وارو هڪ سسٽم اڃا موجود آهي، ان سسٽم جي اثرن سبب سنڌ ۾ وڌيڪ برساتون پوڻ جا امڪان آهن