ڪراچي( ڪامرس ڊيسڪ ) ڪراچي ۾ اٽي جو بحران: فلور ملز مالڪن پاران اڱاري کان احتجاج جي ڌمڪي، ان ڏس ۾ فلور ملز ملڪن جي تنظيم  جي صوبائي صدر چوڌري عامر عبدالله چيو آهي ته  خوراڪ کاتي پاران ڪڻڪ فراهم نه ڪرڻ سبب اٽي جي بحران  ڪر کنيو آهي، هن چيو ته خوراڪ کاتي  3 ارب رپيا وصول ڪرڻ باوجود  ڪڻڪ جون 50 لک ٻوريون ناهن ڏنيون، هن وقت تائين فلورملن کي رڳو 2 لک ٻوريون مليون آهن، جڏهن ته ساڍا 5 لک ٻورين جا چالان ڏنا پيا وڃن، هن چيو ته  فوري طور ڪڻڪ نه  ملي ته اڱاري  2 مئي کان احتجاج   شروع ڪبو، اٽي بحران جو ذميوار خوراڪ کاتو  هوندو