ڪراچي (م ڊ) موسميات کاتي ڪراچي ۾  ايندڙ 3 ڏينهن موسم گرم رهڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته 24 جون کان وچين ۽ مٿين سنڌ ۾ گرمي وري وڌي ويندي، گرمي پد 46 کان 48 ڊگري تائين پهچي سگهي ٿو، ڪراچي ۾ جولاءِ جي پهرين هفتي سانوڻي جي برساتن جو امڪان آهي.