ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جيڪب آباد ۾ ڌاڙيلن سان مقابلي دوران 6 اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ واري واقعي کانپوءِ سنڌ ۽ بلوچستان جي آءِ جيز جي صدارت ۾ اهم اجلاس، اهلڪارن جي شهادت ۾ ملوث ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ ڊگهي مدي واري حڪمت عملي تي غور، آپريشن ۾ مصروف پوليس جي مدد لاءِ آر آر ايف جي پلٽون، گاڏيون، هٿيار ۽ بارود ڏيڻ جو حڪم، ان ڏس ۾ڪالهه سينٽرل پوليس آفيس ڪراچي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان جي آءِ جيز جي صدارت ۾ ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ اهم اجلاس ٿيو، اجلاس ۾ لاڙڪاڻي ۽ نصير آباد جي ڊي آءِ  جيز  بريفنگ ڏيندي چيو ته جکراڻي گروپ سان وابسته 12 ڌاڙيلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، جيڪي هن وقت جيلن ۾ آهن، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ چيو ته شهيدن جو رت رائيگان نه ويندو، هن چيو ته ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ٽيم جوڙي ڌاڙيلن کي ڪيفر ڪردار تائين پهچائي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ڊي آءِ جي ٽي اينڊ ٽي ۽ اي آءِ جي لاجسٽڪس کي حڪم ڪيو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن ڪندڙ پوليس کي گاڏين، هٿيارن ۽ گولين جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي، آءِ جي سنڌ اي آءِ جي آپريشن کي حڪم ڪيو ته ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ آر آر ايف جي هڪ پلٽون به اماڻي وڃي، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ ايس ايس پي جيڪب آباد کي هدايت ڪئي ته ڌاڙيلن جي سر تي قيمت مقرر ڪرڻ لاءِ اي آءِ جي آپريشنز کي خط لکيو وڃي، اجلاس ۾ آءِ جي بلوچستان عبدالخالق شيخ چيو ته پوليس اهلڪارن جي شهادت تمام وڏو واقعو آهي، ڌاڙيلن خلاف سنڌ ۽ بلوچستان پوليس کي گڏيل آپريشن ڪرڻو پوندو، ڌاڙيلن خلاف آپريشن لاءِ ڊگهي حڪمت عملي جوڙي ڌاڙيلن جي خاتمي تائين پوليس کي سرگرم رکڻو پوندو.