ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ)  ڪراچي ۾کنڊ 105 رپيا ڪلو تي پهچي وئي، ان ڏس ۾ سنڌ ۾ ڪمند جي ڪرشنگ سيزن ختم ٿيڻ شرط کنڊ جي اگهه ۾ رڪارڊ واڌ اچي وئي آهي، 2 هفتن اندر 90 رپيا ڪلو واري کنڊ 105 رپيا ڪلو تي پهچي وئي آهي، واپارين موجب رمضان ۾ کنڊ جي گهرج ۾ اضافي  سبب انهي ۾ وڌيڪ واڌ جا امڪان آهن