ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ نوجوان ناري سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، ريسڪيو آپريشن جاري، 24 ڪلاڪ گذرڻ بعد ناري جو بيگ هٿ، ان ڏس ۾ جمعي ڏهاڙي سج لهڻ بعد نوجوان ناري دو دريا وٽ سمنڊ ۾ ٽپو ڏئي ڇڏيو، اطلاع ملندي ئي ريسڪيو آپريشن شروع ڪيو ويو پر ناري نه ملي سگهي. پوليس موجب ناري جو بيگ مليوآهي، جنهن ۾ سڃاڻپ ڪارڊ پيل هو، انهي ذريعي سندس سڃاڻپ 22 ورهين جي سارہ ملڪ ڌيءَ ابرار احمد طور ٿي پوليس موجب ساره جا مائٽ اعظم بستي جا رهواسي آهن. ساره جي والد موجب ساره فزيو ٿراپسٽ آهي، جنهن تازو هائوس جاب پڻ مڪمل ڪيو هو ، خبر ناهي ته هن سمنڊ ۾ ٽپو ڇو ڏنو؟ جڏهن ته ساره جي  چاچي موجب ساره سمنڊ ۾ ٽپو نه ڏنو هوندو، هو خودڪشي نٿي ڪري سگهي