اسلام آباد (بيورو رپورٽ) گهرو وزارت اليڪشن ڪميشن کي آگاهه ڪري ڇڏيو آهي ته جي ايچ ڪيو ڪراچي ۽ حيدرآباد بلدياتي چونڊن ۾ پولنگ اسٽيشنن جي ٻاهران فوج ۽ رينجرز جي اسٽيڪ مقرري کان معذرت ڪري ڇڏي آهي، گهرو وزارت چيو آهي ته 2395 انتهائي حساس پولنگ اسٽيشنن جي ٻاهران 20 هزار فوج ۽ رينجرز فراهم نه ٿي ڪري سگهجي ۽ رينجرز ٻئين ۽ ٽئين درجي طور مقرري جي لاءِ دستياب هوندي، گهرو وزارت اليڪشن ڪميشن جي سيڪريٽري عمر حميد جي خط جي جواب ۾ چيو ته 15 جنوري تي حساس پولنگ اسٽيشنن جي ٻاهران فوج، رينجرز جي مقرري جي درخواست ڪئي وئي هئي، معاملو جي ايچ ڪيو وٽ اٿاريو ويو، جي ايچ  ڪيو چيو ته صوبائي حڪومت اسٽيڪ مقرري فراهم ڪرڻ جي ذميوار آهي، سول آرمڊ فورسز صرف ٻئين ۽ ٽئين درجي تي مقرر ڪري سگهجي ٿي، اليڪشن ڪميشن پهريان ئي 8924 پولنگ اسٽيشنن کي حساس يا انتهائي حساس قرار ڏنو آهي، ڪنهن پولنگ اسٽيشن کي نارمل قرار نه ڏنو آهي، هن وقت فوج سرحدن ۽ اندروني سيڪيورٽي تي مقرر آهي، 2395 انتهائي حساس پولنگ اسٽيّشنن جي ٻاهران 20 هزار فوج ۽ رينجرز فراهم نه ٿي ڪري سگهجي، فوج ۽ رينجرز ٻئين ۽ ٽئين درجي تي مقرري جي لاءِ دستياب هوندي، ٻئين ۽ ٽئين درجي تي مقرري جو نوٽيفڪيشن گهرو وزارت اڳ ئي جاري ڪري چڪي آهي.