ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ فوري مڪاني چونڊون ڪرائڻ جو حڪم: سنڌ هاءِ ڪورٽ فيصلو جاري ڪري ڇڏيو

0
364
ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ فوري

ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ فوري طور مڪاني چونڊون ڪرائڻ واري حڪم جو تحريري فيصلو جاري ڪيو ويو آهي

سنڌ هاءِ ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ جي تحريري فيصلي ۾ صوبائي اليڪشن ڪمشنر، چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي سنڌ کي 14 نومبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي

عدالت چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موجب سنڌ حڪومت پوليس ۽ رينجرز گهربل نفري موجود نه هئڻ سبب چونڊون نه پئي ڪرائي

عدالتي فيصلي موجب ايڊوڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌائي ته سنڌ پوليس ۽ رينجرز جي ڪيتري نفري آهي ۽ ڪهڙن علائقن ۾ مقرر ٿيل آهي

گذريل ڏينهن سنڌ هاءِ ڪورٽ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ تي سخت ڪاوڙ ظاهر ڪئي هئي

چيف جسٽس احمد علي شيخ رمارڪس ۾ چيو هو ته پوليس ڪهڙن ٻوڏ متاثر علائقن ۾ مقرر آهي جو مڪاني چونڊون نه پيون ڪرايون وڃن

ھي به پڙھندا

ڪراچي ۾ مڪاني چونڊون 90 ڏينهن تائين ملتوي ڪرڻ جي منظوري