ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي

0
245

موسميات کاتي پهرين جولاءِ کان برساتن جو سلسلو شروع ٿيڻ جي حوالي سان لاڳاپيل ادارن کي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي

موسميات کاتي پاران جاري ڪيل الرٽ موجب ڪراچي، حيدرآباد، ٺٽي ۽ بدين ۾ پهرين جولاءِ کان 4 جولاءِ تائين گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي

موسميات کاتي موجب 30 جون کان 4 جولاءِ تائين اسلام آباد، ڪشمير ۽ ٻين علائقن ۾ تيز برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته زوب، زيارت، خضدار ۽ لسبيلا ۾ به گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي