اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت جي ڪراچي ۽ ڊويزن ۾ بلدياتي چونڊ 90 ڏينهن لاءِ ملتوي ڪرڻ جي درخواست رد ڪندي حيدرآباد ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ بلدياتي چونڊون 15 جنوري 2023ع تي ڪرائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آھي، ڪالھه  اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۽ حيدرآباد ڊويزن ۾ بلدياتي چونڊ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان محفوظ ڪيل فيصلو جاري ڪري ڇڏيو ، 10 صفحن تي ٻڌل فيصلو چيف اليڪشن ڪمشنر جي سربراهي ۾ پنج رڪني پينج متفقه طور تي جاري ڪيو، فيصلي ۾ چيو ويو آھي  ته حيدرآباد ۽ ڪراچي ڊويزن ۾ بلدياتي چونڊون 15 جنوري 2023ع تي ٿينديون، اليڪشن ڪميشن سنڌ حڪومت، چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ کي هدايت ڪئي آهي ته اهي پولنگ اسٽيشنن، ضلعي رٽرننگ آفيسرن ۽ رٽرننگ آفيسرن جي آفيسن، پولنگ عملي ۽ پولنگ جو سامان پهچائڻ لاءِ اليڪشن واري ڏينهن سيڪيورٽي اهلڪارن جو گهربل تعداد مهيا ڪن، اليڪشن ڪميشن وفاقي گهرو سيڪريٽري ذريعي وفاقي حڪومت کي هدايت ڪئي وئي ته سيڪيورٽي اهلڪارن جو گهربل تعداد ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ بلدياتي  چونڊن لاءِ فراهم ڪيو وڃي، جڏهن ته حيدرآباد ڊويزن ۾ دادو، حيدرآباد، ڄامشورو، مٽياري، ٽنڊوالهيار، ٽنڊومحمدخان، ٺٽو، سجاول، بدين ضلعو شامل آهي، ڪراچي ڊويزن ۾ ڪراچي سينٽرل، ايسٽ، ويسٽ، سائوٿ، ڪورنگي، ملير، ڪيماڙي ضلعو شامل آهي.  سنڌ حڪومت مڪاني چونڊن لاءِ اليڪشن ڪميشن کان 90 ڏينهن جي مهلت گهري هئي، ان حوالي سان ٻڌڻين بعد اليڪشن ڪميشن فيصلو 15 نومبر تي محفوظ ڪيو هو، سنڌ سرڪار جي 90 ڏينهن مهلت واري درخواست ته رد ٿي وئي پر اعلانيل تاريخ جي حساب سان به تقريبن ٻن مهينن جو وقت ملي ويو آهي. سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي 15 ڏينهن ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جو شيڊول ڏيڻ جو حڪم ڏنو هو، ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ مڪاني چونڊن جي تاريخ 3 ڀيرا تبديل ڪئي وئي هئي.