ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي گارڊن پوليس هيڊڪوارٽر ۾ دستي بم ڌماڪي سان ڦاٽي پيو، 2 اهلڪار شهيد، مال خاني ( ڪوت ) جي انچارج سميت 2 اهلڪار زخمي، ان ڏس ۾ نبي بخش ٿاڻي جي حد ۾ واقع گارڊن پوليس هيڊڪوارٽر جي مال خاني وٽ دستي بم ڌماڪو ٿيو، ڌماڪي جو آواز ٻڌندي ئي هيڊڪوارٽر ۾ پوليس جون ڊوڙون لڳي ويون.

پوليس موجب ڌماڪي جي نتيجي ۾ هيڊڪوارٽر ۾ مقرر اهلڪار شهزاد ۽ صابر شهيد ٿي ويا، جڏهن ته  ڪوت انچارج سعيد ۽ اهلڪار علي گوهر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ٻئي طرف ڊي آءِ جي سائوٿ شرجيل کرل ۽ ڊي آءِ جي آصف اعجاز شيخ سميت سنڌ پوليس جا سينئر آفيسر ڌماڪي واري هنڌ پهتا، بم ڊسپوزل اسڪواڊ کي به طلب ڪيو ويو. ڊي آءِ جيز موجب برساتن سبب مال خاني ۾ گھم ٿي وئي هئي، انهي لاءِ انسپيڪشن جو عمل جاري هو،

دستي بم جو ڌماڪو به انسپيڪشن دوران ٿيو، جنهن به اهلڪار جي ڪوتاهي ثابت ٿيندي ته ان خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. ٻئي طرف بم ڊسپوزل اسڪواڊ پنهنجي ابتدائي رپورٽ ۾ ڄاڻايو آهي ته دستي بم روسي ساخته هو، هڪ ٻيو دستي بم به مليو آهي، ٻئي دستي بم مال خاني جا نه هئا، مال خاني مان دستي بمن کي ڪڍڻ جي انٽري به ٿيل ناهي. هوڏنهن پوليس ذريعن موجب ڌماڪو مال خاني ٻاهران موچي جي دڪان وٽ ٿيو، واقعي جي جاچ جاري آهي. هوڏانهن ٻنهي اهلڪارن جي جنازي نماز گارڊن هيڊڪوارٽر ۾ ادا ڪئي وئي، جنازي نماز ۾ صوبائي وزير سعيد غني، آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ، ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو، رينجرز آفيسرن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي آءِ جي سنڌ اهلڪارن جي وارثن سان همدردي جو اظهار ڪندي کين سهڪار جي خاطري ڪرائي