ڪراچي(رپورٽر)ڪوچنگ سينٽر ۾ قتل نوجوان احسان ميو  واري واقعي خلاف وارثن ڪراچي پريس ڪلب اڳيان نوجوان جو لاش  رکي ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ايڊووڪيٽ مزمل ميو، حاجي فضل ۽ ٻين چيو ته احسان جي قتل ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل نه ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پوليس هن وقت تائين جوابدارن کي گرفتار ناهي ڪيو ، هنن چيو ته هٿياربندن ٽيوشن سينٽر ۾ جديد هٿيار آڻي نوجوان کي قتل ڪيو پر پوليس جوابدارن تائين  پهچي ناهي سگھي، هنن الزام هنيو ته ايس ايچ او گلشن اقبال ارشد جنجوعا ڏوهارين سان مليل آهي، هنن ايس ايڇ او کي هٽائڻ، جوابدارن جي گرفتاري ۽ ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم لڳائن جا مطالبا ڪيا.