ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پشاور زلمي هٿان شڪست کان پوءِ ڪراچي ڪنگز جي ٽيم پاڪستان سپر ليگ جي اٺين ايڊيشن جي پلي آف مرحلي مان لڳ ڀڳ ٻاهر ٿي چڪي آهي، پر اميدن کي قائم رکڻ لاءِ ڪنگز کي پنهنجا ايندڙ ٽئي ميچ کٽڻا پوندا. هڪ ڏينهن اڳ راولپنڊي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پشاور زلمي ڪراچي ڪنگز کي 24 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي هئي. ڪراچي ڪنگز جي محمد عامر زبردست بالنگ ڪئي پر باقي بالر ڪو ٻوٽو نه ٻاري سگهيا. ڪراچي ڪنگز پي ايس ايل _8 ۾ 7 ميچز کيڏيا آهن جن مان صرف ٻه ئي کٽي سگهي آهي پنج ميچز  ۾ کيس شڪست ڏسڻي پئي. پوائنٽس ٽيبل تي ڪنزگ پنجي نمبر تي اچي وئي آهي.  ڪنگز کي باقي ٽئي ميچز کٽڻ کان پوءِ به باقي ٽيمن جي ميچز جي نتيجن جو انتظار ڪرڻو پوندو.