ڪراچي: ڪلفٽن واري علائقي ۾ سمنڊ ۾ 7 نوجوان ٻڏي ويا

0
320
ڪراچي: ڪلفٽن واري

ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن بينظير پارڪ جي ويجھو 7 ڄڻا سمنڊ ۾ ٻڏي ويا، ريسڪيو عملدارن موجب ٻڏي ويلن مان ھڪ شخص جو لاش ۽ ٽن کي بيھوشي واري حالت ۾ ڪڍيو ويو، جڏھن تھ ٽن ڄڻن جو اڃان پتو ناھي پئجي سگھيو

 ريسڪيو عملدارن موجب جنھن شخص کي مئل حالت ۾ ڪڍيو ويو، ان جي سڃاڻپ سيف اللھ جي نالي سان ٿي آھي

ريسڪيو عملدارن موجب رات دير سان ايڌي ۽ چيپا جي ٽوٻن گم ٿيل ماڻھن جي لاءِ آپريشن ڪيو جيڪو اوندھ جي ڪري صبح تائين ملتوي ڪيو ويو

ٽوٻن جو چوڻ ھو تھ سمنڊ ۾ ٻڏي گم ٿيلن جي ڳولا لاءِ ٻيھر آپريشن شروع ڪيو ويندو

ھي به پڙھندا

سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ اڄ به برسات جو امڪان