ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پراڻي سبزي منڊي جي ڪشمير پارڪ ۾ نجي ايراضي شامل ڪرڻ واري معاملي تي ڊي جي پارڪس کي طلب ڪري ورتو آهي، عدالت ڪي ايم سي اختيارين کي جامع جواب جمع ڪرائڻ  جي به هدايت ڪئي آهي. ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت ڪي ايم سي جي وڪيل سيد حسن مجتبيٰ عابدي سان مخاطب ٿيندي چيو  توهان ڪنهن نجي ايراضي جو رستو ڪيئن بند ڪري سگهو ٿا؟  10 هزار والن جو پلاٽ آهي، ڪو جهوپڙي ناهي، توهان درخواست گذار کي رستو ڇو نه پيا ڏيو؟  جنهن تي ڪي ايم سي جي وڪيل چيو ته ڊي جي پارڪ کي گهرائي وٺون ٿا، درخواستگذار جي وڪيل محمد سليم مگريو موقف اختيار ڪندي چيو ته ڪي ايم سي وارن پلاٽ تي وڃڻ جو رستو بند ڪري ڇڏيو آهي، هن چيو ته عسڪري پارڪ ٺاهڻ وقت نجي ايراضي کي پارڪ جو حصو بڻايو ويو، عدالت 2012 ۾ پلاٽ واپس ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، توهين عدالت جي درخواستن بعد پارڪ ته واپس ڪيو ويو پر هاڻ ڪي ايم سي وارا پلاٽ ڏانهن وڃڻ جو رستو نه پيا ڏين