ڪراچي (ا سٽاف رپورٽر ) ڪي اليڪٽرڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر مونس علوي چيو آهي ته نيشنل گرڊ مان هاڻي ڪراچي کي 650 بدران 1100 ميگا واٽ بجلي ملندي. پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو ته گيس جي حوالي سان اسان جو معاهدو پي ايل ايل سان معاهدو ٿيو آهي، اسانکي 190 ايم ايم سي ايف ڊي گيس فراهم ڪئي ويندي، 220 ڪي وي ڄامشورو جي ڊي اي ڊبل سرڪٽ تي ڪم مڪمل ٿي ويو آهي. ان حوالي سان ڪي اليڪٽرڪ جي ترجمان جو چوڻ آهي ڪراچي ۾ هاڻي لوڊ مينيجمينٽ ( لوڊشيڊنگ) جي ضرورت نه پوندي، عيد جي ڏينهن ۾ ڪٿي به لوڊشيڊنگ نه ٿيندي، رمضان ۾ 75 سيڪڙو فيڊرز کي لوڊشيڊنگ کان مستثنيٰ رکيو ويندو.