ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي کي مختيارڪارن حوالي ڪيو ويو آهي، شهر ۾ مختيارڪار هجڻ ئي نه گهرجن، پهريون ڀيرو ٻڌو اٿم ته فيروز آباد جو به مختيار ڪار آهي، وڏي وزير مراد علي شاهه کي گهرايو ته ان کان ٿا پڇي وٺو ته مختيارڪار ڪيئن ڪم ڪندا آهن؟: چيف جسٽس گلزار احمد جا غير قانوني عمارتن بابت ڪيس ۾ ريمارڪس: روينيو بورڊ جَي سينيئر ميمبر جي عدالت پهچڻ تي چيف جسٽس چيو ته، هي به اسان آڏو پيش ٿيو آهي، چيف جسٽس جي جملي تي عدالت ۾ ٽهڪڙا مچي ويا.