ڪراچي: کير جي اگهه جو فيصلو 28 آڪٽوبر تي ٿيندو، لي مارڪيٽ ۾ نيلامي به ٿيندي: ڪمشنر

0
909

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ کير جي قيمتن ۾ اضافي خلاف درخواستن جي ٻڌڻي دوران ڪراچي جي ڪمشنر عدالت ۾ رپورٽ ۾ جمع ڪرائيندي چيو آهي ته ڪراچي ۾کير جي قيمتن جو تعين 28 آڪٽوبر تي ٿيندو، هاڻ لي مارڪيٽ ۾ روزاني کير جي نيلامي به ٿيندي. ڪالهه ٻڌڻي دوران اسسٽنٽ ڪمشنر (هيڊڪوارٽر) عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪري ڄاڻايو ته کير جي قيمتن بابت سمورن اسٽيڪ هولڊرن جو اجلاس ٿي چڪو آهي، 28 آڪٽوبر تي ٻيهر اجلاس گهرايو آهي، جنهن ۾ کير جي قيمتن جو تعين ڪيو ويندو، گذريل اجلاس ۾ ڊيري فارمز ، هول سيلرز ۽ ريٽيلرز جو موقف ٻڌو ويو،عدالت کي ٻڌايو ويو ته کير وڪرو ڪندڙن جو چوڻ آهي ته هاءِ ڪورٽ 2018ع ۾کير جي قيمت  94 رپيا في ڪلو مقرر ڪئي هئي ، هن  وقت جي خرچن ۾ فرق آهي

2018ع ۾ هڪ مينهن تي خرچ  400 رپيا روزانو هو،  جيڪو هاڻ وڌي 600 رپين تائين پهتو آهي، گذريل اجلاس ۾ اهو به چيو ويو هو ته لاهور، راولپنڊي سميت ٻين وڏن شهرن ۾ به کير جي قيمتن جو به جائزو ورتو وڃي، رپورٽ موجب ڪراچي جي 7 هزار ڊيري فارمز مان روزانو 50 لک لٽر کير جي پيداوار ٿيندي آهي، اي سي موجب اسان کير مهانگو ڪندڙ 2 هزار دڪاندارن خلاف ڪارروائي ڪندي هڪ ڪروڙ رپين جو ڏنڊ به لاڳو ڪيو آهي،  اهڙي رپورٽ بعد عدالت درخواستن تي وڌيڪ ٻڌڻي9 ڊسمبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.