ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاران ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن ۾ مبينا ڪرپشن، غير معياري ۽ ناقص مٽيريل جي استعمال توڙي 2019ع کان  شروع ڪيل ترقياتي ڪمن لاءِ جاري ٿيل بجيٽ جا تفصيل معلوم ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت کي ليگل نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي، ڪالهه اداره نور حق ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي جماعت اسلامي ڪراچي جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو ته ڪراچي ۾ ترقياتي ڪمن جي نالي ۾ اربين رپين جي ڪرپشن ٿي رهي آهي، اسان سنڌ حڪومت ۽ انهي جي ماتحت ادارن کي عدالتن ۾ وٺي وينداسين، هن چيو ته 15 سالن کان سنڌ ۾ پ پ جي حڪومت هجڻ باوجود ڪو به ڪم نه ٿيو آهي، جڏهن ته ترقياتي ڪمن جي نالي ۾  ساڍا پنج هزار ارب رپيا خرچ ڪيا ويا آهن، اها رقم ڪرپشن جي ور چڙهي وئي آهي،  هن چيو ته ڪراچي شهر تباهه ٿي ويو آهي، سنڌ سرڪار کي ايم ڪيو ايم جهڙي فرينڊلي اپوزيشن ملي آهي، پ پ ۽  ايم ڪيو ايم نٿيون چاهين ته مڪاني اليڪشن ٿئي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن جي اها آئيني ذميواري آهي ته مڪاني اليڪشن ڪرائي، هن چيو ته مجاهد ڪالوني ۾ آپريشن ذريعي هزارين ماڻهن کي بي گهر ڪيو پيو وڃي، انهن متاثرن کي فوري طور متبادل فراهم ڪيو وڃي.