ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙنجي ائير لائن جو جهاز خراب ٿي پيو، جهاز ۾ وفاقي وزير اسد عمر به اسلام آباد وڃي رهيو هو، سول ايوي ايشن جي ذريعن موجب فلائٽ نمبر 502 ۾ روانگي کان 40 منٽ بعد ٽيڪنيڪل خرابي ٿي پئي، جنهن ۾ اسد عمر سوڌو 120 کان وڌيڪ مسافر سوار هئا، سيرين ائيرلائن جو ڪراچي کان اسلام آباد ويندڙ جهاز اوچتو خرابي ٿيڻ تي پائلٽ ايمرجنسي لينڊنگ جي ڪال ڏني، جنهن بعد جهاز کي ٻيهر ڪراچي ايئرپورٽ بحفاظت لاٿو ويو، جڏهن ته مسافرن کي ٻئي جهاز ذريعي اسلام آباد روانو ڪيو ويندو..