ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي اسٽيڊيم روڊ تي موٽر سائيڪل سوار ڦورن سان مهاڏو اٽڪائيندي عثمان انسٽيٽيوٽ آف ٽيڪنالاجي جو ڊائريڪٽر ظاهر علي سيد قتل، ان ڏس ۾ عثمان انسٽيٽيوٽ جي ترجمان موجب ظاهر علي سيد يونيورسٽي کان گهر وڃي رهيو هو ته ڦورن اسٽيڊيم روڊ تي کانئس گاڏي کسڻ جي ڪوشش ڪئي، مزاحمت تي ڦورن مٿس فائرنگ ڪئي، جنهن سبب هو سخت زخمي ٿي پيو، جنهن اسپتال ۾ دم ڏنو، ٻئي طرف ايس ايس پي ساجد سدوزوئي ٻڌايو ته ظاهر علي سيد پنهنجي ڊرائيور کي گاڏي مان لاهي اڳتي وڌيو ته موٽر سائيڪل تي ٻه جوابدار اچي ويا، ايس ايس پي ايسٽ موجب ڊائيور جاچ دوران ٻڌايو ته ٻنهي جوابدارن جا چهرا واضح هئا، گاڏي نه روڪڻ تي جوابدارن هڪ ئي فائر ڪيو ۽ فرار ٿي ويا. ايس ايس پي ايسٽ موجب ممڪن آهي ته واقعو ڦر دوران مزاحمت جو نتيجو هجي، اسان ڊرائيور جو بيان قلمبند ڪري ورتو آهي.