ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ڊمپر جي ٽڪر ۾ نوجوان فوت، مڇريل شهرين ڊمپر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو. بلال ڪالوني ۾ دائود فليٽ وٽ تيز رفتار ڊمپر رستو پار ڪندڙ فرحان بيڪري واري چيڀاٽي ڇڏيو، انهي واقعي تي مڇريل شهرين ڊمپر کي باهه ڏئي ساڙي ڇڏيو، پوليس فوتي نوجوان جو لاش ضابطي جي ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪري ڇڏيو