ڪراچي: ڊفينس ۾ هٿياربند ڦورو شهري جي فائرنگ ۾ مارجي ويو، ٻيو زخمي

0
244
ڪراچي: پوليس مقابلو

ڪراچي: ڊفينس فيز ون آغا سگنل وٽ ڦورن طرفان ڪار سوار شھري کان ڦر ڪئي وئي. شھري ڦر ڪري فرار ٿيندڙ ھٿياربندن تي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب ھڪ جوابدار مارجي ويو، سندس ساٿي زخمي ٿي پيو

اکين ڏٺن شاهدن موجب موٽرسائيڪل سوار ھٿياربندن ڪار ۾ سوار شھري کان ڦر ڪئي، جوابدار ڦر ڪري فرار ٿي رھيا ھئا ته شھري فائرنگ ڪري ڏني، شھري 3 فائر ڪيا، ھڪ جوابدار کي ھڪ ۽ ٻئي کي 2 گوليون لڳيون، مارجي ويل جو لاش ۽ زخمي ٿيل اسپتال منتقل ڪيا ويا. مارجي ويل جي سڃاڻپ 24 ورھين جي سيف الدين ولد متين طور ٿي، زخمي جي سعيد ولد عبدالغفور طور سڃاڻپ ٿي.