ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي ۾ چيني ڊينٽسٽ جي ڪلينڪ تي فائرنگ، نوجوان ڪيشئر مارجي ويو، پيرسن ڊينٽسٽ ۽ سندس زال زخمي، ان ڏس ۾  ڪالهه ڪراچي جي صدر واري علائقي ۾ مرشد بازار وٽ هٿياربند هوُ ڊينٽل ڪلينڪ ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ جي نتيجي ۾ ڪيشئير 25 ورهين جو رونالڊ رائمنڊ چائو پٽ جارج چائو موقعي تي دم ڏنو، جڏهن ته 74 سالن جو ڊينٽسٽ ايڇ يو رچرڊ ۽ سندس 72 سالن جي زال مارگريٽ زخمي ٿي پيا، اطلاع تي پوليس پهچي مارجي ويل جو لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو. جڏهن ته ڊي آءِ جي سائوٿ شرجيل کرل، ايس ايس پي سائوٿ اسد رضا، رينجرز ۽ سي ٽي ڊي جي آفيسرن پهچي واقعي واري هنڌ جو معائنو ڪيو. ڊي آءِ جي سائوٿ شرجيل کرل جو چوڻ هو ته ابتدائي جاچ موجب جوابدار موٽرسائيڪل تي آيو هو ، جيڪو هو مريض بڻجي ڪلينڪ ۾ داخل ٿيو، جوابدار پنهنجو وارو اچڻ تي نائن ايم ايم پسٽل سان ڊاڪٽر تي فائرنگ ڪري ڏني. ڊي آءِ جي موجب زخمي ۽ فوتي چيني شهري ٻٽي شهريت رکن ٿا، وٽن پاڪستاني شهريت پڻ آهي، اهي 40 سالن کان ڪراچي ۾ رهن ٿا، اهي ڊپلوميٽس به ناهن جو اهو خدشو هجي ته کين چيني هجڻ ڪري ٽارگيٽ بڻايو ويو. ڊي آءِ جي موجب واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، هينئر  ڪجهه چوڻ وقت کان اڳ هوندو. ٻئي طرف واقعي جا سي سي ٽي وي فوٽيج به منظرعام تي آيا، جن ۾  ڏسي سگھجي ٿو ته فائرنگ وقت ماڻهن ۾ ڀاڄ پئجي وڃي ٿي.