ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ ٿاڻي سطح تي مقرر انٽيليجنس آفيسر ۽ اهلڪار هٽايا ويا، لاڳاپيل هيڊڪوارٽرن ۾ رپورٽ ڪرڻ جو حڪم، ايڊيشنل آءِ جي جي حڪم تي شهر جي سمورن ٿاڻن تي مقرر انٽيليجنس آفيسرن ۽ اهلڪارن کي لاڳاپيل هيڊڪوارٽرن ۾ رپورٽ ڪرايو ويو آهي، پوليس ذريعن موجب انٽيليجنس آفيسرن ۽ اهلڪارن خلاف ڪافي شڪايتون هيون، جنهن تي کين هٽايو ويو آهي، هاڻي انٽيليجنس جو ڪم اسپيشل برانچ ڪندي