ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ پ پ اڳواڻ کي مقابلي ۾ مارڻ واري مامري ۾  اڳوڻي ايس ايچ او ۽ اهلڪارن تي قتل ۽ دهشتگردي جو  ڪيس داخل، ان ڏس ۾ اولهه ضلعي جي پيرآباد پوليس پراچا قبرستان وٽ پ پ جي مقامي اڳواڻ نادر مگسي کي مقابلي ۾ مارڻ جي دعويٰ ڪئي هئي، نادر مگسي جي وارثن احتجاج ڪندي الزام لڳايو هو ته پيرآباد پوليس نادر مگسي کي گرفتار ڪرڻ بعد جڙتو مقابلي ۾ ماريوآهي. وارثن جي احتجاج بعد ايس ايچ او انظار عالم کي هٽايو ويو هو،  ڪالهه انظار عالم ۽ ٻين اهلڪارن تي پيرآباد ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو، جنهن ۾ قتل ۽ دهشتگردي جا قلم پڻ شامل ڪيا ويا