ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) جوڊيشل مئجسٽريٽ پڙهائي نه ڪرڻ تان  پيءُ پاران 12 سالن جي پٽ کي جيئرو ساڙ مارڻ واري ڪيس ۾ جوابدار پيءُ نذير خان کي 24 سيپٽمبر تائين جسماني ريمانڊ تي پوليس جي حوالي ڪري ڇڏيو، پوليس موجب پڙهائي نه ڪرڻ تان پيءُ 12 ورهين جي شهير مٿان گاسليٽ هاري باهه ڏني هئي، جوابدار خلاف سندس زال اقبال مارڪيٽ ٿاڻي تي  ڪيس داخل ڪرايو هو،. پوليس موجب ٻار پنهنجي پيءُ سان لغڙ اڏائڻ لاءِ ضد ڪيو هو، جڏهن پيءُ ٻارڙي کان پڙهائي جو پڇيو ته هو ڪو جواب نه ڏئي سگهيو، جنهن تي پيءُ ڪاوڙ ۾ اچي وحشياڻي حرڪت ڪئي، ٻئي طرف  فوتي ٻالڪ شهمير جي 2 ڀائرن  ٻڌايو ته بابا اسان  سڀني تي تشدد ڪندو هو، اڳ ۾ هن ننڍي ڀاءَ جو هٿ ساڙيو هو