ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف عبدالجليل مروت پاران داخل درخواست تي سنڌ حڪومت، گهرو کاتي ۽ آءِ جي سنڌ کان 29 مئي تي جواب طلب ڪري ورتو،  درخواست گذار جو چوڻ آهي ته 14 مئي تي ميڊيا ذريعي خبر پئي ته پي ٽي آءِ جي 263 اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ڪيترن اڳواڻن کي وري 30 ڏينهن لاءِ نظربند ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي،