ڪراچي: ڪراچي پوليس پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ 3يوسي چيئرمينن ۽ 2 وائيس چيئرمينن کي گرفتار ڪري ورتو. ان ڏس ۾ صدر ٽائون جي  يوسي 8 جي چونڊيل چيئرمين محمد سلمان، يوسي 6 جي چونڊيل چيئرمين وسيم شيرازي ۽ وائيس چيئرمين عبدالرحمان کي حلف کڻڻ بعد گرفتار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ اڳواڻن موجب سندن نمائندا ڊپٽي ڪمشنر سائوٿ جي آفيس ۾ حلف کڻڻ آيا هئا، حلف برداري بعد واپس وڃڻ وقت پوليس کين گرفتار ڪري ورتو. پوليس ذريعن موجب گرفتار چيئرمين ۽ وائيس چيئرمين 9 مئي وارن واقعن ۾ ملوث آهن، هوڏانهن پي ٽي آءِ سان تعلق رکندڙ چنيسر ٽائون جي يوسي 5 جو چيئرمين شاهد انصاري ۽ وائيس چيئرمين رائو وسيم کي پوليس گرفتار ڪري ورتو، ان ڏس ۾ پي ٽي آءِ ايم پي راجا اظهر موجب ٻئي ڄڻا حلف کڻڻ لاءِ ڊي سي ايسٽ آفيس پهتا هئا، کين حلف کڻڻ کان روڪي گرفتار ڪيو ويو