ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي)ڪراچي پوليس پي ٽي آءِ  ايم پي اي شبير قريشي کي عورت سان ڇيڙ ڇاڙ ڪرڻ جي الزام هيٺ گرفتار ڪري ورتو، ڪيس داخل، اڳوڻي وزيراعظم عمران  خان پاران واقعو پوليس گردي قرار، ان ڏس ۾ ڪالهه فجر مهل پي ٽي آءِ ايم پي اي شبير قريشي پنهنجي ڪلفٽن واري فليٽ مان نماز پڙهڻ لاءِ نڪتو ته پوليس کيس گرفتار ڪري اتحاد ٽائون ٿاڻي تي منتقل ڪري ڇڏيو. شبير قريشي جي گھرواري موجب شبير جا ٻئي موبائل فون گھر پيل هئا، هو نماز پڙهڻ لاءِ نڪرڻ بعد  واپس نه موٽيو، صبح جو 8 وڳي سي سي ٽي وي  چيڪ ڪرڻ تي شبير جي گرفتاري جي خبر پئي. شروعاتي طور سائوٿ پوليس گرفتاري کان لاعلمي ظاهر ڪئي، بعد ۾ ڪياماڙي ضلعي جي پوليس شبير قريشي جي گرفتاري جي تصديق ڪئي. پوليس موجب ايم پي اي کي ثمينه نالي عورت جي شڪايت تي گرفتار ڪيو ويو.متاثر عورت ثمينه ايم پي اي شبير قريشي خلاف سائيٽ بي ٿاڻي تي ڇيڙڇاڙ جو ڪيس داخل ڪرائي ڄاڻايو ته آئون ڪجهه ڏينهن اڳ شبير قريشي وٽ نوڪري لاءِ وئي هيس، ڪالهه شبير قريشي مون کي ڊي سي ڪياماڙي آفيس وٽ گهرايو، شبير قريشي اتان مون کي گاڏي ۾ ويهاري گدامن طرف  پهتو ، شبير قريشي مون سان گاڏي ۾ ڇيڙڇاڙ ڪئي، مزاحمت ڪرڻ تي منهنجا ڪپڙا به ڦاٽي پيا، شبير قريشي مون کي فليٽ تي به وٺي هلڻ جو چوندو رهيو، جنهن تي مون کيس انڪار ڪيو، مون کيس  منٿون ڪيون ته آئون شريف عورت آهيان، مونکي وڃڻ ڏيو،  هوڏانهن اپوزيشن ليڊر حليم عادل شيخ شبير قريشي جي گھر پهچي ڀاتين کان معلومات ورتي. حليم عادل شيخ چيو ته شبير قريشي تي ڪوڙو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، جنهن جي اسان مذمت ڪريون ٿا، هوڏانهن پي ٽي آءِ ايم پي اي سعيد آفريدي، شاهنواز جدون، رابستان خان پهرين سائيٽ بي ۽ بعد ۾ اتحاد ٽائون ٿاڻي پهتا، هنن  مطالبو ڪيو ته شبير قريشي کي شخصي ضمانت تي آزاد ڪيو وڃي پر پوليس شخصي ضمانت ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. ٻئي طرف  اڳوڻي وزيراعظم عمران خان اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل ۽ پي ٽي آءِ سنڌ جي صدر علي زيدي سان ٽيليفونڪ رابطا ڪري ايم پي اي شبير قريشي جي گرفتاري بابت معلومات ورتي، ان موقعي تي هن چيو ته ڪراچي پوليس غنڊا گردي جو مظاهرو ڪندي پي ٽي آءِ ايم پي اي تي ڪوڙو ڪيس مڙهي کيس گرفتار ڪيو آهي