ڪراچي: ڪراچي ۾ برسات دوران شهرين جي مدد لاءِ پوليس رودن تي موجود رهي، ايس ايس يو جو اربن فلڊنگ ريسڪيو يونٽ، ٽريفڪ ۽ ضلعي پوليس جا اهلڪار تيز برسات ۾ به شهرين جي مدد ڪندا رهيا، اهلڪار ڦاٿل گاڏين کي ڪڍڻ ۽ بند ٿيل گاڏين کي اسٽارٽ ڪرڻ لاءِ ڌڪا پڻ ڏيندا رهيا. ڊي آءِ جي ٽريفڪ احمد نواز چيما موجب ٽريفڪ پوليس کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي، اسان جا اهلڪار ٽريفڪ جي رواني برقرار رکڻ، شهرين جي مدد ۽ روڊن تان پاڻي نيڪال لاءِ روڊن تي موجود آهن،  جڏهن ته 30 گاڏيون پيٽرولنگ ( گشت ) ڪري رهيون آهن