ڪراچي پوليس ۽ اسانجون عورتون

0
230
ڪراچي پوليس ۽ اسانجون عورتون

 گذريل هڪ هفتي کان سوشل ميڊيا تي انهن سنڌي ڳالهائيندڙ عورتن جي احتجاج جون وڊيوز ڏسان پئي، جن عورتن جا اجها کسجي ويا آهن. ڪراچي جي اوڀر ڪنڊ تي عبدالله شاهه غازي جي نالي سان قائم ڪيل انهي ڳوٺ جي وجود ۾ اچڻ بابت مونکي ڪا خبر ناهي ته هي ڳوٺ ڪهڙي بلڊر آباد ڪيو ۽ ڪيئن ماڻهن پلاٽ  اتي ورتا يا وري ماڻهو ڪي پاڻمرادو اچي رهيا آهن، انهي بابت مونکي ڄاڻ ناهي، اها انتظاميا انڪوائري ڪري پئي ۽ اميد آهي ته سموريون حقيقتون سامهون اچي وينديون، پر مونکي اها خبر آهي ته جنهن عورت جو ڪالهه مٿو ڦاٽل هو، اها عورت سنڌ جي نياڻي آهي، جنهن جي ابن ڏاڏن هن ملڪ جي قيام لاءِ  قرارداد پاس ڪندڙ  اسمبلي ميمبرن کي ووٽ ڏئي انهي اسيمبلي تائين پهچايو. جنهن اسيمبلي اهو ٺهراءُ پاس ڪيو ته ها اسانکي پاڪستان گهرجي، الحمد الله اڄ به اها اسيمبلي قائم آهي ۽ انهي تاريخ ساز اسمبلي ٻيا به ڪيترائي اهم قانون پاس ڪيا آهن،جيڪي نه رڳو پاڪستان پر پوري دنيا مڃي ٿي ته سنڌ اسيمبلي گذريل 15 سالن ۾ توڙي ان کان اڳ به بهترين قانونسازي ڪري تاريخ رقم ڪئي آهي. غازي ڳوٺ تي هڪ هفتي کان جاري پوليس جي هلان،اينٽي انڪروچمينٽ فورس جي ڪارروائي ۽ روينيو عملدارن جي اشارن ڪيترن ئي مسڪين ماڻهن جا اجها جهوري ڇڏيا آهن، مان هڪ عورت آهيان ۽ انهي عورت جو درد محسوس ڪريان ٿي جنهن عورت پنهنجي ڪن جون واليون کپائي انهي گهر جي تعميرات ۾ حصو ملايو هوندو. آئون انهي ڀيڻ جي احساس کي به محسوس ڪريان ٿي جنهن پنهنجي اڪيلي ڪمائيندڙ ڀاءُ کي اجهي ٺاهڻ لاءِ اها پنهنجي جمع پونجي به ڏني هوندي جيڪا هن ڪپڙا سلائي ڪري انهي عيوض ملندڙ مزدوري مان بچائي رکيا هوندا.

مونکي انهي ماءُ جي تڪليف جو به اندازو آهي، جنهن ڪالهه پنهنجي پٽ جي پگهر جي ڪمائي مان اڏيل اجهي کي بلڊوزرن ۽ ٻي ڳري مشينري سان ڊهندي ڏٺو هوندو، اهڙي انتظامي بي حسي تي ڏک ڪرڻ کانسواءِ ڪري به ڇا ٿو سگهجي؟ ڪراچي ۾ ڪيتريون ئي آباديون ۽ علائقا اهڙا آهن جيڪي حڪومت جي رڪارڊ ۾ غير قانوني هوندا، پر انهن آبادين ۾ رهندڙ اهي ماڻهو ته غير قانوني ناهن جن کي پنهنجي اباڻي ڌرتي جو شناختي ڪارڊ مليل آهي، جيڪي سنڌ جي مختلف ڳوٺن مان لڏي اچي ڪراچي جي انهن آبادين ۾ آباد ٿيا آهن اهي ماڻهو هن سنڌ جا وارث آهن. ايئن ناهي ته رڳو انهن آبادين ۾ ڪي سنڌ واسي ئي رهن ٿا، سرڪاري رڪارڊ ۾ شامل نه ٿيل يا جن کي سرڪار غير قانوني قرار ڏئي ٿي اتي ته اهي ماڻهو به رهن پيا جيڪي هن ملڪ ۾ ئي غير قانوني طور داخل ٿيا ۽ غير قانوني طور رهندڙ آهن. ڪراچي جي داخلي توڙي خارجي رستن تي انهن ماڻهن جو وڏو انگ موجود آهي، مونکي هتي رهندڙ انهن غير قانوني ماڻهن تي سخت اعتراض آهي جيڪي منهنجي  روزگار جي وسيلن مان حصو کائي ٿا وڃن، جيڪي منهنجي پيئڻ جي پاڻي مان حصو کڻي ٿا وڃن ۽ آيل به غير قانوني طور آهن، اهي هتان منهنجي ڌرتي تان ڪمائي ڪنهن ٻئي ملڪ کڻي ٿا وڃن، منهنجي ڌرتي جي ماڻهن اهي اردو ڳالهائيندڙ هجن يا سنڌي ڳالهائيندڙ هجن، انهن سنڌ واسين جي روزگار تي غير قانوني ماڻهن جي قبضن تي آئون  احتجاج جو حق رکان ٿي.

هينئر جن ماڻهن خاص طور تي عورتن تي جيڪو پوليس تشدد ڪيو آهي اهو پوليس جو عمل اسان جي سنڌ سرڪار جي لاءِ به سواليا نشان بڻيل آهي، ڪراچي جي هڪ نج سنڌي وسندي غازي ڳوٺ تي پوليس چڙهائي ڪنهن جي هدايتن تي ٿي؟ هونئن ته ڪراچي جو انچ انچ نج سنڌي آهي ۽ سنڌ واسين جو آهي جتي اردو۽ سنڌي ڳالهائيندڙ سنڌين سميت ملڪ جي ٻين صوبن جا ماڻهو رهن ٿا جيڪي هن ملڪ جا مستقل رهواسي آهن، پر غازي ڳوٺ ۾ دڪاندار کان وٺي ريڙهو هلائڻ واري تائين سڀئي ماڻهو ايئن لڳن ٿا ميهڙ يا ماتلي ۾ هجون، انهن ماڻهن اتي آباد ٿي پنهنجو روزگار به شروع ڪيو آهي ته پنهنجي ٻچن کي تعليم به ڏيارين پيا، انهن ماڻهن ته پئسا ڀري پلاٽ وٺي انهي تي پنهنجي اڏاوت ڪئي ، هاڻي جيڪڏهن اها زمين قبضي جي هئي ته روينيو کاتو تڏهن ڪٿي هو جڏهن انهي تي پلاٽنگ ٿي پئي؟ اڏاوت ٿي وئي ۽ اتي زندگي جون سموريون سهولتون بجلي ۽ گيس تائين سڀ ملي ويا ته پوءِ انهن کي هينئر ڪيئن ياد آيو ته هي ڳوٺ غير قانوني آهي يا قبضي جي زمين تي آباد آهي، جيڪڏهن ڪنهن جي اها زمين اباڻي آهي ته اهو ايترا ڏينهن ڪيئن خاموش رهيو؟ هتي روينيو رڪارڊ ۾ ڪيتري هيرا ڦيري هلي ٿي ڇا انهي کان اسين سڀ واقف ناهيون؟ هن ڳوٺ جي ماڻهن کي جن اها زمين پلاٽنگ ذريعي الاٽ ڪئي اهي ماڻهو ڪير آهن ۽ انهن خلاف ڪهڙي ڪارروائي ٿي آهي، جو اڄ انهن پيرين اگهاڙين ۽ هٿين خالي عورتن تي آنسو گيس هلائي سندن مٿن ۾ پوليس ڏنڊا ٿي هڻي؟ مون ڪالهه اخبار ۾ پڙهيو ته سنڌ جي وڏي وزير غازي ڳوٺ واري معاملي جو نوٽيس وٺي پوليس ۽ روينيو جي ڪجهه عملدارن کي معطل ڪيو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جو ساراهه جوڳو قدم آهي پر هاڻي انهي ڳوٺ جي ماڻهن جي سنڌ حڪومت کي مالڪي به ڪرڻ گهرجي، انهن عورتن کي لاوارث ڇڏڻ بدران انهن جي زخمن تي مرهم رکڻ گهرجي،

جيڪڏهن ڪمشنر جي انڪوائري رپورٽ ۾ هي زمين غيرقانوني قبضي طور ڊڪليئر ٿئي ٿي ته انهن ڳوٺاڻن بدران انهن بلڊرز کي سوگهو ڪري انهي کان رقم  وٺي زمين جي مالڪن يا سرڪار جي خزاني ۾ وڃي جمع ڪرائي وڃي، ڇاڪاڻ جو اسان وٽ هڪ سپريم ڪورٽ جو بحريا ٽائون وارو فيصلو رڪارڊ جو حصو آهي جنهن ۾ عدالت بحريا ٽائون جي قبضي هيٺ آيل زمين خالي ڪرائڻ بدران انهي جي رقم وٺڻ جو چيو آهي. اهڙي ريت انهي فيصلي کي نظر ۾ رکندي انهي آبادي جو به ڪو مستقل حل ڪڍيو وڃي، سنڌ جا اڪثر ماڻهو پيپلزپارٽي جا ووٽر آهن ۽ اهي پ پ حڪومت کي پنهنجي حڪومت ئي سمجهن ٿا، سنڌ اسيمبلي ۾ به پ پ عورتن جي حقن لاءِ بهترين قانونسازي پڻ ڪئي آهي، پ پ جي شهيد چيئرپرسن محترمه بينظير ڀٽو به سنڌي عورت هئي، انهي ڪري سنڌ جي عورتن جو وڏو انگ پ پ سان جذباتي طور لاڳاپيل آهن، انهن عورتن کي وچ روڊ تي ايئن پوليس ڏنڊا هڻي ۽ سنڌ حڪومت خاموش رهندي ته اسان سنڌ جي رهواسي عورتن ۾ احساس محرومي وڌي ويندي جيڪا پيپلزپارٽي جي سياست تي به مستقبل ۾ ناڪاري اثر ڇڏيندي. آئون انهن عورتن تي ٿيل تشدد پنهنجو وجود تي گهاءُ سمجهان ٿي ۽ حڪومت وقت کان مطالبو ٿي ڪريان ته سنڌ مان غير قانوني ڌارين کي نيڪالي ڏئي سنڌ واسين کي تحفظ فراهم ڪيو وڃي.