ڪراچي: ڪراچي جي پوليس چيف جاويد عالم اوڍو بي بي سي کي ٻڌايو ته ڪراچي ۾ ڪرائي تي هٿيار فراهم ڪندڙ ٻيا گروهه به موجود آهن پر انهن جو انگ تمام گهٽ آهي خبر پوڻ تي پوليس انهن خلاف ڪارروائي ڪندي آهي. هن چيو ته ٽي ٽي پي جو به هڪ ڪارندو پڪڙيو ويو هو جيڪو هٿيار ڪرائي تي ڏيندو هو، ڪجهه منشيات فروش گروپ به پئسا ڪمائڻ لاءِ موالين کي پستول ڏئي وارداتون ڪرائين ٿا. ڏوهه گهٽائڻ لاءِ قانوني نظام سڌارڻو پوندو شهري شاهد بڻجن ۽ عدالتون جلد ڪيسن جا فيصلا ڪن.