ڪراچي پوليس اين ٽي ايس ۽ آءِ بي اي پاس اميدوارن تي ڪڙڪي پئي، ڪيترائي زخمي ۽ گرفتار

0
164

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج ڪندڙ اين ٽي ايس ۽ آءِ بي اي پاس اميدوارن تي اڄ ٻئي ڏينهن به پوليس ڪڙڪي پئي جنهن ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا

اين ٽي ايس پاس اميدوران سي ايم هائوس ڏانهن وڌڻ جي ڪوشش ڪئي ته چڪريون شروع ٿيون، پوليس مظاهرين کي ريڊ زون ۾ داخل ٿيڻ کان روڪيندي مٿن لٺبازي ڪئي، جنهن ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا ۽ 30 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي

پوليس سنڌ اسيمبلي آڏو ڌرڻو هڻي ويٺل آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن تي به ڪڙڪي پئي ۽ لٺبازي ڪندي اميدوارن کي گهلي گهلي گرفتار ڪندا رهيا

اين ٽي ايس پاس اميدوارن جو چوڻ آهي ته 2013 ۾ ٽيسٽ پاس ڪرڻ باوجود آفر آرڊر نه ڏنا ويا آهن

آءِ بي اي ٽيسٽ پاس اميدوارن جو چوڻ آهي ته 2021 ۾ ٽيسٽ پاس ڪئي، هاڻي هارڊ ايريا جي نالي تي من پسند ماڻهن کي آرڊر ڏنا پيا وڃن

ھي به پڙھندا

ڪراچي: اين ٽي ايس ٽيسٽ پاس اميدوارن جو وزيراعليٰ هائوس ڏانهن مارچ: لٺبازي: 70 گرفتار