ڪراچي(ڪامرس ڊيسڪ ) ڪراچي جي هول سيل گروسز ايسوسيئشن جي عبدالرئوف ابراهيم ۽ دالين جي امپورٽر فراز احمد چيو آهي ته  ڏيڍ ارب ڊالرن جي ماليت جا دالين جا 6000 ڪنٽينر ڪراچي پورٽ تي ڦاٿل آهن، جنهن سان ملڪ ۾ دالين جو بحران ٿيڻ جو امڪان آهي، ڪالهه هتي پريس ڪانفرنس ڪندي هنن چيو ته  شپنگ ڪمپنين امپوٽ ڪيل مسور، چونئرن، ڪارن چڻن سميت مختلف دالين تي ڊٽينشن چارجز طور 48 ملين ڊالر وصول ڪيا آهن، جڏهن ته اسان ڊيمريج چارجز پڻ ڀري رهيا آهيون، هنن چيو ته سمنڊ جي گهميل موسم ۾ امپورٽ ڪيل دالين جي خراب ٿيڻ جو خدشو آهي، هنن چيو ته  دالين جو بحران ختم ڪرڻ لاءِ  وفاقي سرڪار قدم کڻي.