ڪراچي ( ڪامرس ڊيسڪ)  ڪراچي ۾ پهرين جولاءِ  کان  اٽي جي اگهه ۾ 10 رپيا في ڪلو واڌ جا امڪان، ان ڏس ۾ فلو ملز  مالڪن جي ذريعن ٻڌايو ته ڪراچي ۾ چڪي واري اٽي جو  5 ڪلو وارو ٿيلهو ڪجهه ڏينهن اڳ 420 مان 450 رپيا ٿي ويو هو، جنهن۾ وڌيڪ 30 رپيا واڌ جا امڪان آهن، جڏهن ته 480 رپين ۾ ملندڙ برانڊيڊ اٽي وارو 5 رپين وارو ٿيلهو  520 رپيا ٿيڻ جا امڪان آهن، جنهن بعد پهريون ڀيرو اٽي جو اگهه 100 رپين کان  به وڌي ويندو