ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) صوماليه مان  ڪراچي پهتل پيءُ پٽ سميت ٽن مسافرن کي منڪي پاڪس هجڻ جو خدشو، ايئرپورٽ تي موجود بارڊر هيلٿ عملي کين ڪورنٽائين ڪري ڇڏيو، رپورٽن  موجب ڪالهه صوماليه کان ٽي مسافر ڪراچي پهتا، ايئرپورٽ تي لهندي ئي طبي معائني دوران کين منڪي پاڪس هجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو، بارڊر صحت سروسز کاتي جي ڊائريڪٽرغلام مرتضيٰ شاهه  جو چوڻ آهي ته گذريل ڏينهن صوماليه مان ٻن پيءُ پٽ سميت ٽن مسافرن جي اسڪريننگ دوران  منڪي پاڪس جون علامتون ڏٺيون ويون، کين ايئرپورٽ ويجهو قائم اسپتال ۾ وٺي وڃي ٽيسٽون ڪرايون پيون وڃن، في الحال رپورٽس اچڻ تائين انهن مسافرن کي ڪورنٽائين ۾ رکيو ويو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن رپورٽس نيگيٽو آيون ته مسافرن کي وڃڻ ڏنو ويندو، پازيٽو اچڻ جي صورت ۾ کين ٻن هفتن تائين آئيسوليٽ ڪيو ويندو، هن چيو ته اسڪريننگ جو عمل ڪراچي اسلام آباد، لاهور ۽ ٻين ايئرپورٽس تي پڻ جاري آهي.  هوڏانهن صحت واري وزير جي ترجمان  سنڌ ۾ منڪي پاڪس جو ڪو مريض پهچڻ جي ترديد ڪئي آهي، ٻئي طرف وفاق سرڪار صحت جي عالمي اداري ( ڊبليو ايچ او) کي ويڪسين طلب ڪئي آهي