ڪراچي پهتل ايس يو پي جو پيادل مارچ احتجاج ۾ تبديل، جلسو

0
306

ڪراچي: ڊجيٽل آدمشماري سوڌو سنڌ جي ٻرندڙ مسئلن خلاف ايس يو پي جو ڪراچي ۾ احتجاج جاري، سکر کان نڪتل پيادل مارچ ڪراچي پريس ڪلب پهچڻ بعد احتجاج ۾ تبديل، قومپرست اڳواڻن ۽ عورتن سوڌو وڏي انگ ۾ ڪارڪن شريڪ آهي

 سيد زين شاهه سوڌو ٻيا اڳواڻ احتجاج کي خطاب ڪندا، ايس يو پي طرفان 15 فيبروري تي سکر کان ڪراچي لاءِ پيادل مارچ ڪڍيو ويو هو

 ننڍن وڏن شهرن ۾ قافلن جي شاندار آجيان ڪئي وئي، پيادل لانگ مارچ دوران سيد زين شاهه جي طبيعت به خراب ٿي وئي هئي، هُن کي لانگ مارچ مان نڪرڻو پيو هو، صحتياب ٿيڻ بعد اڄ سيد زين شاهه به احتجاج ۾ شريڪ آهي