ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) علي احمد ڳوٺ ۾ زهريلي گيس سبب 18 ماڻهن جي فوتگين واري ڪيس ۾ گرفتار فيڪٽري مالڪ خير محمد جي ضمانت منظور، عدالت جوابدار کي 2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، ايڊيشنل سيشن جج اولھ جي عدالت ۾ ڪياماڙيءَ جي علي احمد ڳوٺ ۾ زهريلي گيس سبب فوتگين واري ڪيس ۾ گرفتار فيڪٽري مالڪ خير محمد جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ٿي، عدالت ضمانت منظور ڪندي جوابدار کي 2 لک رپين جا مچلڪا جمع ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، جڏهن ته  ڪيس ۾ نامزد جوابدار شاهد حسين ۽ سعيد خان به عبوري ضمانت تي آزاد آهن، درخواست گذار جو چوڻ آهي ته جوابدار بغير احتياطي قدمن جي پلاسٽڪ جي ريسائڪلنگ فيڪٽري هلائي رهيا آهن، فيڪٽرين مان صحت لاءِ ھاڃيڪار دونھون نڪرڻ سبب ڳوٺاڻا بيمار ٿي پيا ۽ فوتگيون واقع ٿيون، واضح رهي ته ڪياماڙيءَ جي علي احمد ڳوٺ ۾ زهريلي گيس سبب 18 ماڻھو فوت ٿي ويا هئا.