ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اولڊ سٽي ايريا ۾ پسند جي شادي ڪندڙ ناري ڪانتا ڪماري جو پراسرار موت ٿيو آھي، وارثن موجب 32 ورھين جي ڪانتا ڪماري 5 جون تي لي مارڪيٽ ۾ پنھنجي ساھرن جي گھر ۾ موت جو شڪار ٿي ئي، پسند جي شادي ڪرڻ جي ڪجھ وقت بعد ئي ڪانتا جو پنھنجي مڙس سان جھيڙو ٿيندو رھندو ھو، وارثن موجب ڪانتا تي ھُن جو مڙس آنند تشدد ڪندو ھو ۽ جنھن ڏينھن ڪانتا جو موت واقع ٿيو ان ڏينھن ان جي مڙس سڀني کي اھو ٻڌايو تھ ھُن جو موت ڪرڻ سبب ٿيو آھي پر معاملو ان وقت شڪ ۾ تبديل ٿي ويو جڏھن سول اسپتال ۾ معائني جي دوران ڊاڪٽر کي ڳلي تي تشدد جو نشان مليو، پوليس موجب ڪيس داخل جوابدار آنند کي گرفتار ڪيو ويو آھي.