ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ۾ پرڏيهي وزارت جي آفيس ٻاهران ڪچري ۽ ڪاغذن کي ساڙڻ خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي، پرڏيهي وزارت طرفان پروٽوڪول آفيسر پيش نه ٿي سگهيو ۽  نه ئي وري پرڏيهي وزارت طرفان ڪو جواب جمع ڪرايو ويو، عدالت پرڏيهي وزارت جي آفيسرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ايندڙ ٻڌڻي تي پروٽوڪول آفيسر کي ذاتي طور تي طلب ڪري ورتو، بيرسٽر ردا  جو چوڻ آھي ته ايف ٽي سي وٽ واقع پرڏيهي کاتي جي آفيس پاران سرڪاري ڪاغذن ۽ ڪچري کي ساڙيو پيو وڃي، جڏھن ته ڪچري کي ساڙڻ  لاءِ ري سائيڪلنگ جو قانون موجود آهي، آفيس ٻاھران ڪچرو ساڙڻ سان وڻن ۽ ماحول کي سخت نقصان پھچي رھيو آھي