ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران 3 عورتون ۽ 2 مرد کنڀجي ويا

0
274
ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران
ڪراچي پريس ڪلب ٻاهران 3 عورتون ۽ 2 مرد کنڀجي ويا

ڪراچي: ڪراچي پريس ڪلب آڏو پھتل ٽن عورتن ۽ ٻن مردن کي پوليس کنڀي وئي آهي، ذريعن دعويٰ ڪئي آهي ته پوليس پاران کنڀيل ايم ڪيو ايم لنڊن جا ڪارڪن ھئا

پوليس ذريعن موجب ايم ڪيو ايم لنڊن پاران باني ايم ڪيو ايم جي حق ۾ ڪراچي پريس ڪلب آڏو احتجاج رٿيل ھو

احتجاج لاءِ پھتل ٽن عورتن سميت پنج ڪارڪنن کي پوليس گرفتار ڪري ورتو

گرفتار ڪيل عورتن کي پريس ڪلب کان پري آزاد ڪيو ويو ۽ مرد نامعلوم ھنڌ منتقل ڪيا ويا