ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سينيٽ جي ڊفينس ڪاميٽي جي چيئرمين سينيٽر سيد مشاهد حسين چيو آهي ته اسلام آباد ۾ ڪراچي پريس ڪلب جو آواز بڻجي وفاق تائين ڪلب جي مسئلن کي ايوانن تائين پهچائيندس، منهنجي صحافتي زندگيءَ کان سواءِ سڌ سماءُ واري وفاقي وزارت دوران  ڪراچي پريس ڪلب سان گهرو واسطو رهيو آهي، هي ڪلب منهنجو ٻيو گهر رهيو آهي، جنهن جو جمهوري، انساني حقن ۽ صحافتي آزاديءَ جي جدوجهد ۾ سڄي ملڪ اندر بي مثال ڪردار رهيو آهي، جيڪا ڳالھ منهنجي لاءِ فخر جو سبب آهي. ڪراچي پريس ڪلب جي سيڪريٽري شعيب احمد چيو ته سموري ملڪ ۾ ڪراچي پريس ڪلب جي سڃاڻپ جمهوري، صحافتي جدوجهد ۾ مکيه ڪردار ادا ڪيو آهي، آمريت جي سخت ڏينهن ۾ حبيب جالب کان وٺي اديبن، شاعرن ۽ سياستدانن جي پناهه گاهه هوندو هو، پر افسوس ته نواز شريف جي اڳوڻي وفاقي حڪومت ۽ هاڻوڪي شهباز شريف سميت سموري وفاقي حڪومت ڪراچي پريس ڪلب جي مسئلن ۽ سهڪار طرف توجه نه ڏئي رهي آهي. سيد مشاهد حسين کي ڪراچي پريس ڪلب طرفان سيڪريٽري شعيب احمد، گورننگ باڊي جي ميمبر ذوالفقار راڄپر ۽ ڪلب جي ميمبرن صحبت ٻرڙو، ارباب چانڊيو، اسرار شيخ ۽ ٻين طرفان اجرڪ ۽ ٽوپي جو تحفو پيش ڪيو. بعد ۾ کيس ڪراچي پريس ڪلب جي مختلف شعبن جو دورو ڪرايو ويو.