ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ سي ويو تي ٽيڪس نه ڏيڻ تان پورهيت کي ٽريڪٽر جو ٽڪر، سندس ڄنگهه ڪٽجي وئي، ڪيس داخل، درخشان ٿاڻي تي سي ويو تي پاڻي وڪرو ڪندڙ پورهيت محمد عابد جي فرياد تي ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ جي اهلڪار سرفراز ۽ ٽريڪٽر ڊرائيور احمد تي ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي ڪيس ۾ ڄاڻايو ته آئون سمنڊ ڪناري پاڻي وڪڻندو آهيان، نشان پاڪستان وٽ 30 آگسٽ تي پاڻي وڪرو ڪري رهيو هوس ته ڪلفٽن ڪنٽونمينٽ بورڊ جو سرفراز آيو ۽ چيائين ته اوهان رات جو ٽيڪس ڇو نه ڏنو، جنهن تي مون ٻڌايو ته رات ڪمائي نه ٿي، پيسا نه هئا. جنهن تي سرفراز ڌمڪيون ڏنيون ۽ اتي سي بي سي جو ٽريڪٽر به ڪم ڪري رهيو هو. فريادي ڄاڻايو ته سرفراز ٽريڪٽر ڊرائيور کي چيو ته هن کي ٽريڪٽر هڻ، جنهن بعد ڊرائيور مون مٿان ٽريڪٽر چاڙهي ڇڏيو ۽ منهنجي ڄنگهه ڪٽجي وئي. پوليس ڪيس داخل ڪري ورتو پر ڪيس ۾ نامزد ٻئي جوابدار گرفتار نه ٿي سگھيا.




























