ڪراچي ( اسپورٽس نيوز) نيوزيلينڊ خلاف ڪراچي ٽيسٽ ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم مشڪلاتن جو شڪار ٿي وئي آهي. ميچ جي چوٿين ڏينهن پاڪستان ٽيم ڏينهن جي پڄاڻي تي ٻن وڪيٽن جي نقصان تي 77 رنسون ٺاهي ورتيون آهن جڏهن ته مهمان ٽيم جي سرسي ختم ڪرڻ لاءِ وڌيڪ 97 رنسون گهربل آهن. نيوزيلينڊ ڪين وليمسن جي ڊبل سينچري ۽ ايش سوڍي سان شاندار ڀائيواري جي مدد سان پهرين اننگز 612 رنسون نوَ رانديگر آئوٽ تي ڊڪليئر ڪئي ۽ مجموعي طور تي 174 رنسن جي سرسي حاصل ڪري ورتي، ڪين وليمسن ڪيريئر جي پنجين ناٽ آئوٽ ڊبل سينچري اسڪور ڪئي جڏهن ته ٽام ليٿم 113 ۽ ڊيون ڪانوي 92 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيا. ڪيوي ٽيم جي ايش سوڍي 65، ٽام بلينڊل 47، ڊيرل مچل 42 رنسون ٺاهي نمايان رهيا، پاڪستان طرفان ابرار احمد پنج، نعمان علي ٽي ۽ محمد وسيم هڪ وڪيٽ حاصل ڪئي. پاڪستان طرفان ٻي اننگز جي شروعات عبدالله شفيق ۽ امام الحق ڪئي، عبدالله شفيق 17 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو، جنهن بعد شان مسعود به رڳو ڏهه رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويو. راند جي پڄاڻي تائين امام الحق 45 ۽ نعمان علي چار رنسون ٺاهي ڪريز تي موجود هئا. واضح رهي ته پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 438 رنسون ٺاهيون هيون جنهن ۾ بابر اعظم ۽ آغا سلمان جون سينچريون شامل هيون.