ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي شھر ۾ ھيوي ٽريفڪ تي پابندي واري حڪم تي ٽرانسپورٽرز کي اعتراض، بنيادي ضرورت جون 60  سيڪڙو شيون کڻي اچڻ ۾ پريشانيون اچن  ٿيون، ڪالهه سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي شهر ۾ هيوي ٽريفڪ تي پابندي بابت درخواست جي ٻڌڻي دوران ڊي آءِ جي ٽريفڪ ۽ ٻيا عملدار پيش ٿيا، سنڌ حڪومت طرفان پڻ جواب جمع ڪرايو ويو، ان موقعي تي عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته بنيادي استعمال جي شين جي حوالي سان واضح ٻڌايو وڃي؟  ماڻهن ڪروڙين رپين جي سيڙپڪاري ڪئي آهي، اسان اهڙو حڪم پاس ڪرڻ نٿا چاهيون، جنهن سان ماڻهن جا بنيادي حق متاثر ٿين، جنھن تي درخواستگذار جي وڪيل چيو ته ريلويز ذريعي ڪنٽينرز کي منتقل ڪري سگھجي ٿو، ان حوالي سان ڪنٽينر يارڊ پڻ موجود آهي، عدالت پڇاڻو ڪيو ته بنيادي شين ۾ ڪهڙيون شيون شامل آهن؟ جنهن تي ٽرانسپورٽرن چيو ته بنيادي شين ۾ تقريبن 60 سيڪڙو شيون شامل آهن، 25 ڊسمبر 2022ع جي عدالتي حڪم بعد ضروري شين جي ٽرانسپورٽيشن تي پابندي لڳائي وئي آهي، جنهن سبب پريشانيون پيش اچن ٿيون، ايڊيشنل ايڊووڪيٽ جنرل سنڌ ٻڌايو ته سپريم ڪورٽ ۾ بس ٽرمينل جو معاملو  ٻڌڻي هيٺ آهي، عدالت درخواست ٻڌڻي 3 اپريل تائين ملتوي ڪري ڇڏي.