ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ عمارت تي ڇاپو. يرغمالي بازياب: 2 جوابدار گرفتار، ڊاڪس پوليس فشريز ايريا ۾ هڪ عمارت تي ڇاپو هڻي يرغمالي سومار کي آزاد ڪرائي 2 جوابدارن  کي گرفتار ڪري ورتو. ڊاڪس پوليس موجب سومار ٻيڙي تي ڪم ڪندو آهي، هن جوابدارن کان ڏيڍ لک رپيا اوڌر ورتا، پئسا واپس نه ڪرڻ تي جوابدارن کيس اغوا ڪيو، جوابدار مغوي تي تشدد ڪندا هئا، وڊيو وائرل ٿيڻ بعد جوابدارن کي گرفتار ڪري سومار کي بازياب ڪرايو ويو